شاهه فيصل

شاهه فيصل

شاهه فيصل

شاهه فيصل: سعودي عرب جو هيءُ بادشاهه 14 مارچ 1906ع ڌاري ملڪ جي هاڻوڪي راڄڌاني الرياض ۾، شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والده ملڪ جي مشهور ديني عالم شيخ عبدالله جي نياڻي هئي، شاهه فيصل جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندس ناني شيخ عبدالله بن عبداللطيف آل شيخ ڪئي. هن ننڍي عمر ۾ شرعي علم جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. اسلامي فلسفو، قانون ۽ تاريخ هن جا وڻندڙ مضمون هئا. ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن ۽ حديث حفظ ڪيائين. 15 سالن جي عمر ۾ کيس فوج ۾ ڀرتي ڪرايو ويو، جتي ترقي ڪندي 1923ع ۾ سعودي فوج جي ڪمانڊر انچيف جي عهدي تي فائز ٿيو. 1926ع ۾ کيس حجاز جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 1928ع ۾ علماءِ ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو ويو. شاهه فيصل ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ سعودي عرب جي نمائندگي ڪندي بين الاقوامي گڏجاڻين ۽ مباحثن ۾ شريڪ ٿيو. 1930ع ۾ شاهه فيصل کي ملڪ جو پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ هن عربن ۽ مسلمانن کي درپيش مسئلن جي پرزور نموني حمايت ڪندي، ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا. 1953ع ۾ سندس والد جي وفات کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ شاهه سعود کيس سعودي حڪومت جو ولي عهد مقرر ڪيو. سعودي عرب ۾ 1958ع ۾ اقتصادي گهوٽالي سبب کيس وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي وزير اعظم جو عهدو به ڏنو ويو. سندس ڀاءَ شاهه سعود جي دور ۾ ملڪ اندر نڪرندڙ تيل مان ڪمايل ناڻو محلن ۽ انهن جي زيبائش تي خرچ ڪيو ويندو هو. جڏهن ته 2 نومبر 1964ع تي ڀاءُ جي جڳهه تي سعودي عرب جو بادشاهه ٿيندي ئي هن تيل جي پيداوار مان ملندڙ ناڻي کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، جن ۾ روڊ رستا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي گهر ٺاهڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن ڏيڻ جي سهولت شامل هئي. سندس حڪومت ۾ سعودي عرب دنيا جو واحد اسلامي ملڪ هو. جنهن ۾ زڪوات کان سواءِ ڪو به ٽيڪس نه ورتو ويندو هو. شاهه فيصل جي دور ۾ پاڪستان جا سعودي عرب سان لاڳاپا تمام سٺا هئا.
شاهه فيصل جڏهن پهريون ڀيرو سال 1966ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو، ته هن پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ مرڪزي جامع مسجد جي تعمير جو حڪم ڏنو ۽ مسجد جي تعمير جو سمورو خرچ پنهنجي ذمي کنيو. اها مسجد سال 1987ع ۾ 120 ملين روپين جي خرچ سان مڪمل ٿي ۽ سندس ئي نالي ‘شاهه فيصل مسجد’ سان منسوب ڪئي وئي. پاڪستان سان سندس خصوصي لڳاءُ کي نظر ۾ رکندي سندس شهادت کانپوءِ وفاقي حڪومت پاڪستان جي صوبي پنجاب جي هڪ وڏي شهر لائل پور جو نالو مٽائي، سندس نالي پُٺيان ‘فيصل آباد’ رکيو. ان کان سواءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي هڪ وڏي شاهراهه سندس نالي پٺيان ‘شاهراهه فيصل’ سڏي وڃي ٿي. سندس ئي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڀرسان هڪ آبادي ‘شاهه فيصل ڪالوني’ ۽ ٻي آبادي ‘شاهه فيصل ٽائون’ پڻ آهن. شاهه فيصل نه رڳو پاڪستان، پر پوريءَ دنيا جي مسلمان ملڪن جو بهترين ۽ مخلص دوست هو. انهيءَ ڪري هُن سڄيءَ دنيا جي مسلمانن ۽ خاص طرح عوام جي ڀرجهلو حاڪمن سان دوستاڻا لاڳاپا رکيا. تڏهوڪي پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان به سندس خصوصي ذاتي ويجهڙائي رهي.
شاهه فيصل جي ذاتي زندگي به ڳجهي ڪانه رهي. هن چار شاديون ڪيون، جن مان کيس چئن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد هو.
شاهه فيصل کي 25 مارچ 1975ع تي کيس سندس نوجوان ڀائٽيي فيصل بن مسعود، رياض جي شاهي درٻار جي ‘ديوان ملڪي’ ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو. قاتل کي 18 جون 1975ع تي موت جي سزا ڏني وئي. سندس شهادت کانپوءِ هن جو ڀاءُ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز ملڪ جي شاهي تخت تي ويٺو.


لفظ شاهه فيصلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.03.14  عيسوي

سعودي عرب جو بادشاهه شاهه فيصل 14 مارچ 1906ع ڌاري ملڪ جي هاڻوڪي راڄڌاني الرياض ۾، شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


1975.03.25  عيسوي

شاهه فيصل کي 25 مارچ 1975ع تي کيس سندس نوجوان ڀائٽيي فيصل بن مسعود، رياض جي شاهي درٻار جي ‘ديوان ملڪي’ ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو.


1964.11.02  عيسوي

شاهه فيصل 2 نومبر 1964ع تي ڀاءُ جي جڳهه تي سعودي عرب جو بادشاهه ٿيندي ئي هن تيل جي پيداوار مان ملندڙ ناڻي کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، جن ۾ روڊ رستا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي گهر ٺاهڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن ڏيڻ جي سهولت شامل هئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرين پالاري
نواز علي سمو
خليل کوسو
قاضي قمرالدين
رئيساڻي اسلم خان
ابن مسڪويه
عبدالقادر محمد حسين
ابن سينا
راڻو ڏهرو
آغا ناصر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون